اختر بلوچ

اختر بلوچ

اختر بلوچ 2

اختر بلوچ2: سينئر صحافي، ليکڪ، بلاگر، استاد ۽ سماجي ڪارڪن اختر بلوچ جو جنم، ميرپور خاص جي علائقي لالچندآباد جي بلوچ پاڙي ۾، 1967ع ڌاري ٺيڪيدار غلام حسين جي گهر ۾ ٿيو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم ميرپور خاص مان حاصل ڪرڻ بعد روٽري ڪلب، پاڪستان سان سلھاڙجي ويو. پاڻ روٽري ڪلب يوٿ جو صدر ۽ ميرپورخاص جيم خانه جو پنج سال سيڪريٽري رهيو. اختر بلوچ صحافت جي شروعات ميرپورخاص مان ڪئي. ان کان پوءِ حيدرآباد ۾ روزاني ’ڪائنات‘ جو بيورو چيف مقرر ٿيو. حيدرآباد ۾ ھو انساني حقن جي تنظيم (HRCP) جو صوبائي رابطه ڪار رهيو، صحافي ۽ سماجي ڪارڪن جي حيثيت ۾ ھو، سنڌ جي جاگيردارن پاران، غريب ھارين کان، جبري پورھئي وٺڻ ۽ ڪاروڪاري خلاف انساني حقن جي ھلندڙ تحريڪن ۾ ڪافي سرگرم رھيو. حيدرآباد ۾ صحافت دوران 23 مارچ 2003ع تي پراسرار نموني گم پڻ ٿيو. عوامي احتجاج کانپوءِ رھائي ملڻ بعد ھو مستقل طور ڪراچي لڏي ويو، جتي ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ ھڪ غير سرڪاري تنظيم ’سوسائٽي فار دي پروٽيڪشن آف دي رائٽس آف دي چائلڊ‘ (SPARC) سان ڪافي وقت تائين سلھاڙيل رھيو. کيس ھيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي فئڪٽ فائنڊنگ (حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ) تي وڏي ڄاڻ ھئي. 2013ع کان، ھن انگريزي اخبار ’ڊان‘ جي آن لائين ايڊيشن ’ڊان ڊاٽ ڪام‘ لاءِ ڪراچي، ڪراچيءَ جي تاريخي شخصيتن ۽ تاريخي جاين/عمارتن بابت ڪيترائي بلاگ لکيا، جيڪي ’ڪرانچي والا‘ (3 جلد) جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا. ان کانسواءِ سندس ٻه ٻيا ڪتاب ’يھي ميرا وطن‘ ۽ کدڙن بابت ’تيسري جنس‘ (2010ع) پڻ شايع ٿيل آھن. مشھور مؤرخ ڊاڪٽر مبارڪ علي، کيس ’عوامي مؤرخ‘ سڏيو آھي. سندس تحقيق جو ھڪ مقصد سنڌ جي ننڍن شھرن ۽ ڳوٺن جي ماڻهن کي منظرِ عام تي آڻڻ ھو. کيس موسيقي، رقص ۽ راڳ سان به رغبت رھي ۽ اڪثر ڪلاسيڪل راڳ جهونگاريندو ھو. ھو، حيدرآباد پريس ڪلب ۽ ڪراچي يونين آف جرنلسٽس (KUJ) ڪائونسل جو ميمبر ۽ ڪراچي پريس ڪلب جو ائسوسيئيٽ ميمبر پڻ رھيو. ان کانسواءِ هن شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري ۽ وفاقي اردو يونيورسٽي عبدالحق ڪئمپس لياريءَ ۾ وزٽنگ فئڪلٽي طور خدمتون انجام ڏنيون. ’اردو ادب مين انسان دوستي، روايت اور تجزيه‘ جي عنوان سان، سندس پي ايڇ.ڊي وارو تحقيقي مقالو ڊگريءَ لاءِ جمع ڪرايل هو. 54 سالن جي ڄمار ۾ 30 جولاءِ 2022ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو